| گهر ۾ پيٽرول ”ذخيرو“ ڪندڙ کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا |
ڪولمبو (انٽريسٽنگ نيوز) سريلنڪا ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد واقعو پيش آيو جتي هڪ شهري کي گهر ۾ 4 ليٽر پيٽرول ذخيرو ڪرڻ تي قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي ڪرونيگالا ضلعي جي علائقي ڪوبيگان جي رهواسي 48 سالن جي شخص کي 4 ليٽر پيٽرول غيرقانوني طور ذخيرو ڪرڻ تي 21 ڏينهن جيل ۽ 1500 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. شهري دليل ڏنو ته پيٽرول گهريلو استعمال لاءِ رکيو ويو هو. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي تيل جي ذخيري تي پابندي دوران 4 ليٽر پيٽرول سان گرفتار ڪيو ويو هو. شهري خلاف پيٽروليم پراڊڪٽس (ريگوليشن اينڊ ڪنٽرول آف سپلائيز) ايڪٽ نمبر 34 آف 1979 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. شهري جي وڪيل دليل ڏنو ته پيٽرول وڪري لاءِ نه رکيو ويو هو، پر صرف لان ڪٽڻ واري مشين ۾ استعمال لاءِ رکيو ويو هو. بچاءُ واري وڪيل وڌيڪ چيو ته قانون تحت، صحيح دستاويزن سان گڏ رجسٽرڊ گاڏي جي مالڪ کي “پيٽرول استعمال ڪندڙ” سڏيو ويندو آهي ۽ پيٽرول رکڻ جو اختيار هوندو آهي، جڏهن ته قانون ۾ جائز مقدار ڄاڻايل نه آهي.