گهوسٽ اسڪول نمائش بابت ٻن هفتن اندر فيصلو ڪرڻ جي هدايت

گهوسٽ اسڪول نمائش بابت ٻن هفتن اندر فيصلو ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  آئيني بينچ ۾ فلم ”گھوسٽ اسڪول“ کي سنڌ ۾ نمائش جي اجازت نه ڏيڻ جو معاملو، فلمسازن پاران سنڌ بورڊ آف فلم سينسرز جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ سينسر بورڊ کي فلم ”گھوسٽ اسڪول“ بابت ٻن هفتن اندر فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته سنڌ سينسر بورڊ نظرثاني واري درخواست تي ڌرين کي ٻڌي قانون موجب فيصلو ڪري، ٻڌڻي دوران سنڌ سينسر بورڊ جو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته وفاق پاران فلم جي نمائش جي اجازت ڏني وئي آهي، پر عجيب صورتحال اها آهي ته فلم ڪراچي جي ڪنٽونمينٽ وارن علائقن ۾ هلائي سگهجي ٿي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ علائقن ۾ ان جي نمائش نٿي ٿي سگهي، عدالت سيڪريٽري سنڌ سينسر بورڊ کان پڇيو ته ”ڇا فلم ۾ ڪو جن آهي، جنهن سبب اجازت نه پئي ڏني وڃي؟“ سيڪريٽري جواب ڏنو ته مان هتي ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان، ڇو ته فلم سينسر ڪرڻ جو فيصلو بورڊ جو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ رمارڪس ڏنا ته توهان شيون لڪائي نٿا سگهو، عدالت کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻو پوندو، وڪيل چيو ته فلم ۾ ”گھوسٽ اسڪولز“ جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ فلم کي برطانيا جي ايشين فلم فيسٽيول ۾ بهترين هدايتڪاري جو ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.