| گهوٽڪي اسڪول ۾ شاگردن کان ڇت جو مرمتي ڪم ڪرائڻ جو انڪشاف |
گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي سرڪاري اسڪول ۾ معصوم ٻارن کان مبينا طور مزدورن وارو ڪم ڪرائڻ جو انڪشاف، گهوٽڪي جي گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول گل محمد عارباڻي ۾ مبينا طور اسڪول جي شاگردن کان ڇت جي لپائي لاءِ گاري جون ٽوڪريون کڻائڻ ڪرائڻ واري وڊيو هٿ اچي وئي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو اسڪول جا شاگرد يونيفارم ۾ ڇت جي لپائي لاءِ گاري جون ٽوڪريون کڻي رهيا آهن ۽ پائيپ وسيلي ڇنڊڪار ڪري رهيا آهن، ذريعن موجب تازو سنڌ حڪومت طرفان اسڪول جي مرمت ۽ بهتري لاءِ لڳ ڀڳ 7 لک رپيا جاري ڪيا ويا هئا، جيڪا رقم هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي، جيڪو ڪم مزدورن کان ڪرايو وڃي ها،مبينا طور شاگردن کان ورتو پيو وڃي. هوڏانهن اسڪول جي هيڊ ماستر موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو.