گهوٽڪي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته گهوٽڪي اڄ کان سردارن جو نه عوام جو ضلعو آهي، پ پ کي حڪومت ملي ته سموري ملڪ جي غريبن کي زمين جا مالڪاڻا حق ڏينداسين
گھوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثرن کي گھرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي عوام اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو تھ سموري ملڪ جي غريبن کي گھر ٺھرائي ڏيندس، سموري ملڪ جي غريب ماڻھن کي زمين جا مالڪاڻا حق ڏينداسين
سندس چوڻ هو ته اڄ کانپوءِ گھوٽڪي سردارن جو نھ پر غريب عوام جو ضلعو آھي، سنڌ ۾ 20 لک ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺھرائي ڏئي رھيا آھيون، ڪجھھ سال اڳ ھڪ بزرگ وزيراعظم 50 لک گھر ٺھرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو، پر ھو ھڪ بھ گھر نھ ڏئي سگھيو
بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن کان اوهان مونکي چونڊي اسلام آباد موڪليو آهي مون غريب عوام جو ڪيس وڙهيو آهي هاڻ به موقعو مليو ته جدوجهد جاري رکندس
پيپلز پارٽي جي چيئرمين گھوٽڪي ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي ڪيمپس ٺاھڻ جو بھ اعلان ڪيو سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم گهر ويٺي حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪنداسين
ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ 30 سالن تائين ملڪ جو وزيراعظم ھوندو، سنڌ حڪومت پنھنجي مدي دوران ٻين ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ گھڻو ۽ بھتر ڪم ڪيو آھي، ايندڙ چونڊن ۾ بھ عوام پيپلزپارٽي کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندو:
هن چيو تھ اڳوڻي وفاقي حڪومت جي چئن سالن دوران سنڌ کي ڪجھھ بھ نھ مليو، نئين وفاقي سرڪار سنڌ جي معاملن تي سھڪار ڪيو
وڏي وير چيو ته وفاقي سرڪار جي سھڪار سان اسان ٻوڏ متاثرن جي فوري طور پرگھور لڌي، وزيراعظم پاڻ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جا وعدا بھ ڪيا، ڪيترن ئي وعدن تي عمل ڪيو ويو