گهوٽڪي: بُلا ڌرين ۾ رتو ڇاڻ، حملا، جيل مان آزاد سميت 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

آڪٽوبر 18, 2024

گهوٽڪي/پنو عاقل (رپورٽ: ماجد سنگهڙ/نديم بوزدار) گهوٽڪي ۾ جيل ٻاهران هٿياربندن جو پراڻي دشمني تان حملو، فائرنگ ۾ 3 سالن بعد ضمانت تي آزاد ٿيندڙ همراهه قتل، سندس چاچو زخمي، ڌرين ۾ ڳوٺ اندر جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، ڇڪتاڻ، خبر موجب گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ جيل ٻاهران موٽرسائيڪل سوار 6 هٿياربندن پراڻي دشمني تان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 3 سالن بعد قتل ڪيس مان ضمانت تي آزاد ٿيندڙ موچارو بلو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس چاچو رحم علي بلو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جو علاج جاري آهي، هوڏانهن پنوعاقل جي دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڄڻي جي قتل واري واقعي بعد بلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ ۾ غلام شبير بلو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته يعقوب بلو زخمي ٿي پيو، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي به دم ڏئي ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،  آخري اطلاعن تائين ٻنهي واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

ڌرين ۾ 3 سال اڳ نوجوان جي قتل تان تڪرار شروع ٿيو

گهوٽڪي: ٻڌايو  پيو  وڃي ته مقتول موچارو ۽ زخمي ٿيل سندس چاچو رحم علي بلو قتل ڪيس ۾ 3 سالن کان ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ قيد هئا، هنن 3 سال اڳ ڪارنهن الزام ۾ نوجوان اسد بلو کي قتل ڪيو هو، ڪالهه ٻئي ڄڻا ضمانت تي آزاد ٿي جيل مان ٻاهر نڪتا ته اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل 6 کان مٿي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ موچارو ٿڏي تي قتل ۽ سندس چاچو زخمي ٿي پيو

Leave A Comment