| گهوٽڪي: تشدد ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايچ او قابل ڀيو جو رمانڊ: پوليس صحافين تي ڏمرجي پئي: ڌڪا |
گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد علي سنگهڙ) آندل سندراڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ڳوٺاڻي ملهڻ تي مبينا تشدد ۽ تذليل واري ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايچ او قابل ڀيو ۽ پوليس اهلڪار نثار مهر کي آندل سندراڻي پوليس هٿ ڪڙيون هڻي رمانڊ وٺڻ لاءِ گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان پڇا ڳاڇا لاءِ رمانڊ ڏنو وڃي، جنهن تي سول جج جي عدالت پاران جوابدار اڳوڻي ايس ايچ او قابل ڀيو ۽ سپاھي نثار مھر کي ٻن ڏينھن جي پوليس رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي اڳوڻي ايس ايچ او ميڊيا سان ڳالهائڻ بنا روانو ٿي ويو، ان دوران ايس ايچ او آندل سندراڻي اعجاز جسڪاڻي سميت ٻين پوليس وارن اڳوڻي ايس ايچ او قابل ڀيو کي پروٽوڪول ڏيندي سوال ڪندڙ صحافين کي ڌڪا ڏنا ۽ ڪوريج ڪرڻ نه ڏني، جڏهن ته پوليس جو ڌڪو اچڻ سبب ٽائيم نيوز جو ڪيمرامين عبدالرئوف سومرو هيٺ ڪري پيو، بعد ۾ پوليس وارا قابل ڀيو کي ڪار ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ وٺي ويا، هوڏانهن ايس ايچ او قابل ڀيو ۽ سپاھي نثار مهر کي سومر ڏينهن ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، بعد ۾ ايس ايچ او آندل سندراڻي اعجاز جسڪاڻي ايس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي عبدالوحيد ڀٽو کي ساڻ ڪري پريس ڪلب گهوٽڪي معافي وٺڻ لاءِ پهتو ۽ ٽائيم نيوز جي ڪيمرامين عبدالروف سومرو کان معافي ورتي.