گهوٽڪي جا 6 ڳوٺاڻا ڌاڙيلن وٽ قيد، ڌرڻي جو چتاءٌ

جُولاءِ 3, 2025

گھوٽڪي ( پنهنجي ڊيسڪ ) گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿي ويل 6 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا، مغوين جي گهرن ۾ مايوسي ڇانيل، گھوٽڪي ويجھو ڳوٺ جمعو سنگھڙ جي رھواسي غلام شبير سنگھڙ، حفيظ سنگهڙ ۽ ذيشان سنگھڙ3 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيا آهن،  سرحد واسي شير محمد ملڪ، يارو لنڊ واسي معشوق قاضي، ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ امير بخش حيدراڻي واسي اسرار احمد حيدراڻي کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون ۽ ڌاڙيل فون ڪري ڪروڙين روپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪري رهيا آهن، پر پوليس ڌاڙيلن آڏو ھمت هاري راڄوڻي  ذريعي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مشورو ڏئي رهي آهي، سنگهڙ برادري جي مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر مغوي بازياب نه ٿيا ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ