گهوٽڪي جي سياست تبديل: مهر سردار ۽ خالد لنڊ هڪ پيج تي اچي ويا: بلاول ڀٽو سان ملاقات: جلد وڏي جلسي ڪرائڻ جو اعلان

آڪٽوبر 21, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گهوٽڪي جي سياست ۾ وڏي تبديلي، مهر سردار ۽ خالد لنڊ هڪ پيج تي اچي ويا، بلاول ڀٽو سان ملاقات بعد جلد وڏي جلسي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو

تفصيل موجب گهوٽڪي جي سياسي مخالفن کي پيپلزپارٽي جي قيادت گڏ ويهاري ڇڏيو آهي، جي ڊي اي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل  ٿيندڙ علي گوهر مهر، محمد بخش مهر ۽ خالد لنڊ هڪ پيج تي اچي ويا

گهوٽڪي جي مهر سردارن محمد بخش مهر، علي گوهر مهر ۽ خالد لنڊ  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني

ان موقعي تي علي گوهر مهر چيو ته مهر خاندان هڪ آهي ۽ پيپلزپارٽي  ۾ گڏ رهنداسين،  جلد گهوٽڪي ۾ جلسو ڪرايو ويندو، پارتي قيادت پاران ٽائيم ملڻ بعد اعلان ڪيو ويندو

Leave A Comment