ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گهوٽڪي جي سياست ۾ اهم تبديلي، پي ٽي آءِ گهوٽڪي جي ضلعي صدر طرفان پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب افتخار لنڊ پاران پنهنجي چاچي پ پ ايم اين اي خالد لنڊ سان ٺاھه بعد پي ٽي آئي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
افتخار لنڊ عام چونڊن کان اڳ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خالد لنڊ جي حمايت جو اعلان ڪندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لنڊ، بابر خان لنڊ معرفت غير مشروط شموليت ڪندو
افتخار لنڊ گهوٽڪي تعلقي جي صوبائي تڪ تي پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تان 2 ڀيرا چونڊ وڙهيو