گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 18 جي ٻن پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ جاري

فيبروري 15, 2024

گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 18 جي ٻن پولنگ اسٽيشنز تي به پولنگ جاري، ڳوٺ چاڪر ڪولاچي ۽ علي مراد ڪلهوڙو جي پولنگ اسٽيشنز تي اڻڄاتل جوابدارن پاران بيلٽ باڪس ڦر ڪرڻ جي واقعن بعد پولنگ ملتوي ڪئي وئي هئي، ٻنهي پولنگ اسٽيشنز تي 6 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ پاڪ فوج ۽ رينجرز جا 3 سئو اهلڪار به مقرر، غير سرڪاري نتيجن موجب پي ايس 18 تان آزاد اميدوار ڄام مهتاب ڏهر 56 هزار 285 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، پيپلزپارٽي جي اميدوار شهر يار شر کي 54 هزار 705 ووٽ مليا، ٻنهي پولنگ اسٽيشنز تي ڪل ووٽن جو انگ 3 هزار 310 آهي، ڄام مهتاب ڏهر کي شهر يار شر تي 15 سئو 80 ووٽن جي سرسي حاصل آهي، ٻنهي پولنگس جا نتيجا ڪنهن به اميدوار جي کٽڻ ۽ هارائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا

Leave A Comment