گهوٽڪي جي ڪچي ۾ فائرنگ دوران غوثپور واسي نوجوان مبينا طور قتل

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ فائرنگ دوران غوثپور واسي نوجوان مبينا طور قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) گھوٽڪي جي ڪچي ويل ڳوٺ محمد حيات اوڳاھي جو رھواسي حسين اوڳاھي مبينا گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، گھوٽڪي جي ڪچي جي علائقي ۾ ھلندڙ شر-ڌونڌو ۽ سيلرا تڪرار ۾ مارجي ويل سيلرا برادري جي ماڻهن جي تعذيت لاءِ ويل غوثپور جي ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي واسي 40 ورهين جو نوجوان حسين اوڳاھي مبينا گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، ڳوٺاڻي جو لاش گهر آندو ويو، جڏهن ته پوليس واقعي بابت پنھنجو ڪو چٽو موقف نه ڏنو.