| گهوٽڪي ضلعي جي 7 برادرين وچ ۾ تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو: فتويٰ ملتوي: اڄ مهر- جتوئي ڌرين جو جرڳو رٿيل |
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) گهوٽڪي ضلعي اندر 7 برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو. سردارن جون مسلسل ٻن ڏينهن تائين ڪوششون نتيجو نه ڏئي سگهيون، ڌرين ۾ اختلافن سبب تصديق لاءِ ڳالهيون هڪ هفتي لاءِ ملتوي، ستن ئي برادرين وچ ۾ ٻيهر ڳالهيون ۽ فتويٰ هڪ هفتي بعد گهوٽڪيءَ ۾ ٻڌائي ويندي. سکر ۽ شڪارپور ۾ هلندڙ مهر- جتوئي خوني تڪرار جو جرڳو اڄ سکر سرڪٽ هائوس سکر ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ منقعد ٿيندو. جنهن ۾ ڌرين کي سخت پوليس جي سيڪيورٽيءَ ۾ سرڪٽ هائوس آندو ويندو. رپورٽ موجب گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ 7 برادرين شر، سيلرا، ڌونڌو، ڀٽو، ڪوش، تڙت، سولنگي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ٻن ڏينهن تائين سکر سرڪٽ هائوس ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ جاري رهيو. جنهن ۾ امير بخش خان ڀٽو، غوث بخش خان مهر، محمد ابراهيم جتوئي، شهريار خان شر، شهريار خان مهر، عارف خان مهر، احمد سيلرو، عابد خان جتوئي، حاڪم علي خان نوهاڻي، گل محمد جکراڻي، احمد حسين خان سيلرو، مولا بخش ڌنڌو، عالمگير خان ڪوش، چنگيز خان پنهور هادي بخش جاگيراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جرڳو ٻن ڏينهن تائين جاري رهيو، سردارن توڙي امينن ٻن ڏينهن تائين ڌرين ۾ ڳالهيون ٻڌيون. پر سردارن جي ٻن ڏينهن تائين مسلسل ڪوششن باوجود جرڳي جو ڪو به نتيجو نه نڪري سگهيو. جيتوڻيڪ گذريل ڏينهن سردار علي گوهر خان مهر، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ ٻين طرفان ڪالهه فتويٰ ٻڌائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي پر ڌرين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار هجڻ سبب ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون، تنهن ڪري هڪ هفتي تائين ڳالهين وارو عمل روڪيو ويو آهي. ڳالهين جو نتيجو نه ڪرڻ بعد سرڪٽ هائوس سکر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار علي گوهر خان مهر چيو ته ڌرين جون ڳالهيون تفصيل سان ٻڌيون ويون، پڇاڻو به ڪيو ويو، ڪجهه معاملا اهڙا آهن جن جي وڌيڪ جاچ، تصديق ۽ ڇنڊڇاڻ ضروري آهي، ڌرين ۾ تڪرار 40 سالن کان هلندڙ تڪرارن ۾ ڪيترائي اصل حقدار فوت ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي سندن اولاد موجود آهي، جنهن سبب ڪجهه معاملا وڌيڪ پيچيده بڻجي ويا آهن، ڳالهيون تقريبن مڪمل ٿي ويون آهن، ڪجهه شيون حڪومت کان ثبوت ڪرڻا آهن، هڪ هفتي اندر تاريخ ڏني ويندي. مهر-جتوئي جو ٻه ڏينهن فيصلو اهي اِن کي ملتوي نٿو ڪري سگهجي. سردار علي گوهر خان مهر چيو ته ڪافي شيون فائنل ڪرڻيون آهن، خونن جو مسئلو آهي اِن ڪري محتاط هوندو آهي ته جئين ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي، قيامت ڏينهن اِن جو بار نٿو کڻي سگهجي، جنهن جو ماڻهو فوت ٿيل آهي اِن جو بار نٿو کڻي سگهجي. اهڙين حالتن ۾ حق ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ انتهائي ضروري آهن. ڪوشش آهي ته ڪنهن به متاثر ڌر سان ڪا به ناانصافي نه ٿئي، ان لاءِ سمورن معاملن کي غور سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته هڪ هفتي اندر باقي رهيل معاملا اڪلائي حتمي فتويٰ جاري ڪئي ويندي، سردار علي گوهر خان مهر چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي مھر جتوئي تڪرار جو نبيرو شيڊول نه هجي ها ته اڳ ۾ ئي رڪارڊ ڪيل بيانن جي بنياد تي فتويٰ کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي پئي پر اهم فيصلي جي ضرورت سبب فتويٰ کي عارضي طور ملتوي ڪيو ويو آهي.ٻي طرف اڄ 20 ۽ 21 اپريل تي سکر، شڪارپور ۾ هلندڙ مهر -جتوئي خوني تڪرار جو جرڳو به سردار علي گوهر خان مهر جي سرپيئنچي هيٺ سرڪٽ هائوس ۾ ٿيندو. مليل ڄاڻ موجب مهر جتوئي خوني تڪرار ۾ 23 جتوئي، 30 مهر جهيڙيندڙ ڌرين جا قتل ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ته ٽي بيگناهه واٽهڙو به خوني تڪرار جي ور چڙي ويا آهن. ورتل ڄاڻ موجب جتوئي مھر تڪرار جي پھريان شروعات 2024 ۾ ٿي آھي، جنھن ۾ پني عاقل جي ڪچي ۾ 8 مھر، ٻه واٽھڙو سميت 12 جتوئي قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته شڪارپور واري سائيڊ ۾ قتل ٿيلن ۾ 11 جتوئي 22 مھر ھڪ واٽھڙو شامل آھن. جتوئي مھر ڌرين ۾ تڪرار جي شروعاتي ڏينھن ۾ به سکر سرڪٽ ھائوس ۾ نومبر 2024 ۾ جرڳو ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ھڪ واٽهڙو سميت 8 خون ثابت ڪيا ويا، جنھن ۾ ڀڄڪڙي به ٿي ھئي، پر اھو ساڳيو فيصلو بحال ڪري باقي 49 خونن جو جرڳو ڪيو ويندو، جيڪو پھريان واري ٿيل جرڳي ۾ ڀڃڪڙي سبب متاثر ڌرين تائين خونن جي رقم نه پھچي سگھي آھي، جيڪا رقم ڏياري ويندي.
| جرڳي ۾ 26 خونن جي تصديق نه ٿي، ڌرين ۾ اختلاف رهيا ! |
سکر: جرڳي ۾ 26 قتلن جي تصديق نه ٿي سگهي. اِن ڪري ڌرين ۾ اختلاف رهيو. ذريعن موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ ستن برادرين ۾ 40 ورهين کان هلندڙ خوني تڪرار ۾ 26 خون جي تصديق نه ٿي سگهي، هڪ ٻئي تي قتل جو الزام لڳائڻ توڙي ساک کڻڻ باوجود تصديق نه ٿي سگهي، ڪجهه برادرين جي ماڻهن متعلق چيو ويو ته اُهي پوليس مقابلن ۾ ماريا ويا آهن، پر متاثرن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ماڻهن کي مخالف ڌر طرفان قتل ڪيو ويو آهي. اِن ڪري ڌرين ۾ اِن ڳالهه تي اختلاف برقرار رهيو. جنهن متعلق سردار علي گوهر خان مهر توڙي ٻين نيڪ مردن طرفان منجهند کان رات تائين بيان، پڇا ڳاڇا وارو عمل مڪمل ٿيڻ باوجود ڳالهين کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر معاملي ۾ تمام گهڻو بحث ٿيڻ سبب تڪرارن جو فيصلو ملتوي ڪرڻ تي سردار علي گوهر خان مهر، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ ٻيا سردار راضي ٿي ويا. اِن ڪري فيصلي کي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو. هاڻي جرڳو گهوٽڪي ۾ ٿيندو جنهن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
| گهوٽڪي ضلعي اندر هلندڙ تڪرارن ۾ 106 کان وڌيڪ قتل ٿي چڪا |
سکر: 18 ۽ 19 اپريل سکر سرڪٽ هائوس ۾ صبح کان رات تائين هلندڙ جرڳي ۾ گهوٽڪيءَ سان تعلق رکندڙ ستن برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون آهن يا ڪيترا زخمي ٿيا آهن، ڪيترو مالي نقصان ٿيو آهي اِن متعلق جرڳي جي سرپيئنچ توڙي نيڪ مردن طرفان تصديق ٿيل انگ اکر جاري ناهن ڪيا ويا. البته ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ جهيڙيندڙ ڌرين ۾ 106 کان وڌيڪ قتل ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيل آهن. شر برادري جا لڳ ڀڳ 40 ماڻهو قتل ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. سيلرا برادري جا 22 قتل ۽ 31 زخمي، ڪوش برادري جا 10 قتل ۽ 25 زخمي ٿيا آهن. ڌنڌو برادري جا 10 ماڻهو قتل ۽ 10 زخمي، ڀٽو برادري جا 12 قتل ۽ 12 زخمي، جڏهن ته سولنگي برادري جا 6 قتل ۽ 3 زخمي ٿيا آهن. تڙٿ برادري جا به 6 ماڻهو قتل ۽ 2 زخمي ٿيا آهن.
| ڪجھه وضاحتون رهيل آهن، ان ڪري تاريخ پوئتي ڪئي: ابراهيم جتوئي |
سکر: ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه وضاحتون رهيل آهن، اِن ڪري تاريخ پوئتي ڪئي وئي آهي، جنهن جي جاچ ڪري انصاف تائين پهچي سگهجي. هر ڪو پنهنجي ڳالهه ڪندو آهي، عام طور تي ائين ٿيندو آهي. قتل ڪيترا ٿيل آهن اِن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي. 40 ورهين جو جرڳو آهي. ايترا بيان ڊگها ٿي ويا جو پهرين ڏينهن به 11 ٿي ويا. حق ۽ سچ جي فيصلي ۽ ڪجهه حقيقتون جاچڻ جي لاءِ فيصلو گهوٽڪيءَ ۾ ڪيو ويندو.
مهر-جتوئي تڪرار جو جرڳو، سکر سرڪٽ هائوس ۾ سيڪيورٽي سخت، خانگي هٿياربندن کي اچڻ جي اجازت نه هوندي
سکر: مختلف خوني تڪرارن جو جرڳو سکر سرڪٽ هائوس ۾ رکيو ويو آهي. جِتي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. سرڪٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه گيٽ ٺاهيا ويا آهن، جن مان هڪ وي آءِ پي گيٽ جيڪو سردارن توڙي چڱن مڙسن جي لاءِ آهي. جڏهن ته ٻيو گيٽ جهڙيندڙ ڌرين لاءِ ٺاهيو ويو آهي. عام ماڻهن لاءِ ٺاهيل گيٽ آڏو واڪٿرو گيٽ به لڳايو ويو آهي اِن سان پنڊال ۽ سرڪٽ هائوس سکر جي اندرني دوازي وٽ به واڪ ٿرو گيٽ لڳايو ويو آهي. صبح جو اسپشل برانچ جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي طرفان سرڪٽ هائوس جو سرچ ڪيو ويندو آهي. جنهن بعد سردارن جي اچڻ وارو سلسلو شروع ٿيندو آهي. اِن سان گڏ سرڪٽ هائوس روڊ کي رڪاوٽون رکي بند ڪيو ويو آهي، سخت سيڪيورٽيءَ کان پوءِ ڌرين کي اندر ڇڏيو ويندو آهي. ڪنهن به ڌر توڙي سردار کي پرائيويٽ هٿياربند سرڪٽ هائوس اندر کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي. ڌرين جي سردارن کي پوليس جي سخت پهري هيٺ سکر سرڪٽ هائوس پهچايو ويندو آهي. هٿيار ڦٽا ڪندڙ بدنام ڏوهاري ثناءٌ الله عرف ثنو شر، راحب شر، ظهور شر ۽ ٻين کي به ويگو گاڏين ۾ وڏي پروٽوڪول ۽ سخت سيڪيورٽيءَ ۾ آندو ويو هو. پهرين ڏينهن ميڊيا کي سرڪٽ هائوس اندر جرڳي واري هنڌ وڃڻ جي اجازت هئي پر رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت نه هئي. پر ڪالهه سرڪٽ هائوس ٻاهران صحافين کي روڪيو ويو. ڳالهين بعد سرڪٽ هائوس اندر وڃڻ جي صحافين ۽ ڪئمرامينن کي اجازت ڏني وئي.
ڊي ايس پيز ۽ آفيسرز جو قتل معاملو سرڪار پاڻ ڏسندي: سرپئنچ علي گوهر مهر
سکر: گهوٽڪيءَ ۾ ڏوهارين هٿان ڊي ايس پيز توڙي ٻين آفيسرن، جوانن جي قتل واري معامل جو ڇا ٿيندو واري سوال جي جواب ۾ جرڳي جي سرپئنچ سردار علي گوهر خان مهر چيو ته اِن معاملي کي سرڪار پاڻ ڏسندي، جن ماڻهن ناحق ڪيو آهي اِن کي يا ته آفيسرن، جوانن جا وارث معاف ڪن يا حڪومت جي آپريشن سان خانگي ماڻهن جو ڪو واسطو ناهي.