اوٻاوڙو:مغوي قبول ڪوش جي تشدد واري وڊيو وائرل: 2 ڪروڙ ڀنگ طلب

آگسٽ 12, 2023

اوٻاوڙو/ڪمون شهيد(رپورٽر)گهوٽڪي جي دبنگ ايس ايس پي هوندي اغوا وارداتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا، ڌاڙيلن مغوي قبول ڪوش جي تشدد واري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

 اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگڙا ڪوري ڀرسان ويٺل 28 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل قبول احمد ڪوش جي انسانيت سوز تشدد واري ويڊيو ڌاڙيلن سندس وارثن ڏانھن اماڻي ڇڏي آهي

ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان ٻه ڪروڙ ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن ڌاڙيلن کي ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌاڙيلن پاران مغوي کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي

وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مغوي جو والد نھال ڪوش ۽ ڀاء محمد مراد ڪوش سخت پريشان هال ٿي چيو ته 28 ڏينهن گذرڻ باوجود اوٻاوڙو پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ناھي ڪيو اسين سخت پريشان آھيون اسان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي

 هن وڌيڪ چيو ته اسين غريب مسڪين آھيون ڀنگ جي رقم نٿا ڀري سگهون، مغوي جي وارثن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوان کي جلد ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ڏنو وڃي

ٻئي طرف ضلعي ۾ دبنگ ايس ايس پي تنوير تنيو مقرر هجڻ باوجود اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي عوام ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي شهرين جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ بدامني جي باهه پئي ٻري پر پوليس ڪجهه به نٿي ڪري

Leave A Comment