گهوٽڪي ضلعي ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي چڪاس جو حڪم

  گهوٽڪي ضلعي ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي چڪاس جو حڪم

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ گهوٽڪي ضلعي جي فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي بغير ٽريٽمينٽ جي گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ مختلف واهن ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي. عدالت جي طلب ڪرڻ تي وفاقي ۽ صوبائي سنڌ حڪومت جي کاتن ۽ ادارن جا لاڳاپيل آفيسر پيش ٿيا، عدالت پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ آن واٽر ريسورسز ۽ سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي کي ضلعي جي مختلف علائقن مان جري پاڻي جا سيمپل وٺي ليبارٽري ٽيسٽ ڪري رپورٽ 7 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران فيڪٽرين جي مختلف وڪيلن پيش ٿي عدالت کي گهرجون پوريون هجڻ متعلق سرٽيفيڪيٽ پيش ڪيا.گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شاهنواز وسير، ھاء ڪورٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري نور حسن ملڪ، واحد بخش ڀٽو ۽ ٻين طرفان گهوٽڪي ضلعي اندر جري پاڻي هاڃيڪار ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست تي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي مشتمل آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي سرڪاري کاتن جا لاڳاپيل ادارن جا لاڳاپيل آفيسر ۽ فيڪٽرين جا وڪيل پيش ٿيا، عدالت ۾ درخواستگذارن دليل ڏيندي چيو ته ڪيتري عرصي کان گهوٽڪي جي ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ٽريٽمينٽ ڪرڻ بغير ئي وهايو وڃي ٿو، جنهن ڪري جري پاڻي ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار بڪيٽريا انتهائي حد تائين وڌي ويا آهن،ان موقعي تي عدالت سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي سکر جي ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر کان واٽر ٽيسٽ رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي آڏي پڇا ڪئي، مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي عدالت سيبا عملدارن مٿان سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اداري کي بند ڪري ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي جيڪڏهن ڪنهن فيڪٽري مان فون اچي ٿي ته اوهان موبائيل واٽس ايپ تي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿا ڇڏيو، باقي سيبا عدالت جي حڪم تي عملدرآمد نه پئي ڪري، عدالت چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ جري پاڻي انتهائي خراب آهي، پر سرڪاري کاتن جا آفيسر غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي آفيسن ۾ ويهي رپورٽون ٺاهي کڻي اچن ٿا، ان دوران درخواستگذارن عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڏهرڪي ۽ ميرپورماٿيلو سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ورتل پاڻي سيمپلن جي پاور هائڊريشن (پي ايڇ)، ٽوٽل ڊزالڊ سالڊس (ٽي ڊي ايس) ۽ نمڪيات جا پارٽ پر ملين خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جري پاڻي واپرائڻ ڪري ماڻهو مختلف موذي مرضن جو شڪار ٿي رهيا آهن، ان کان علاوه فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي پلاننگ بغير وهائڻ ڪري زرعي زمينون تباهه ٿي رهيون آهن، الميو اهو به آهي ته ڪارخانن جي زهريلي پاڻي کي گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ مسو واهه، قاضي واهه ۽ ٻين ڊسٽرين توڙي مائينرن ۾ ڇوڙ ڪرايو ٿو وڃي، جنهن ڪري چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيماريون ڦهلجي ويون آهن، زهريلو پاڻي پکين ۽ ٻي حياتيات لاءِ اڃ اجهائڻ جي نعمت بجاءِ زهر بڻيل آهي، ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ دونھون فضائي آلودگي جو سبب بڻجي پيو، جنهن ڪري ڪارخانن جي ويجهو وارين آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ شديد تڪليف ٿئي ٿي، جنهن بعد عدالت سنڌ انوائرمينٽل پروسٿيڪشن ايجنسي جي آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪارخاني مان امونيا گئس ليڪ ٿئي ٿي ته اوهان وٽ نقصان کان ٻچاء بابت ڪهڙا اپاء ورتل آهن، ان حوالي سان سيبا جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته فيڪٽرين مان ٽريٽمينٽ بغير نڪرندڙ زهريلو ۽ گدلو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ خلاف سيبا ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي، گدلو پاڻي ڪئنالن ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي لاءِ ڇا آبپاشي کاتي کان اجازت ورتي وئي آهي، ان موقعي تي عدالت کي درخواستگذارن ٻڌايو ته مانچسٽر ۾ فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي انهي ڪري ٻي هنڌ منتقل ڪيو ويو جو اتي انساني آبادين ۽ ٻي حياتيات جي بقا کي خطرو درپيش هو، جنهن بعد عدالت درخواست تي ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي سنڌ انوائرونمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي کي حڪم ڏنو آهي ته پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ آن واٽر ريسورسز سان گڏجي گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن مان جري پاڻي جا سيمپل وٺي ليبارٽري ٽيسٽ ڪري رپورٽون ايندڙ ٻڌڻي تائين جمع ڪرايون وڃن.
 

ماڙي گئس ڪمپني جي نمونن ۾ پاڻي ۾ زهريلن مادن جو انڪشاف
 

سکر: ٻڌڻي دوران درخواستگذارن عدالت کي ٻڌايو ته ماڙي گئس ڪمپني طرفان پاڻي جي ورتل نمونن جي ليبارٽري ٽيسٽ ۾ پڻ جر کارو هئڻ ۽ پاڻي ۾ زهريلا ماده شامل هئڻ جي رپورٽ آئي آهي، هي انتهائي نازڪ معاملو آهي، زهريلو پاڻي انسانن توڙي ٻي حياتيات لاءِ مسئلو بڻجي چڪو آهي. ٻڌڻي دوران اڳوڻي نگران صوبائي وزير بئريسٽر عمر سومرو، غلام مرتضيٰ ڪورائي ۽ ٻين عدالت ۾ پيش ٿي ٽريٽمينٽ پلانٽ سميت گهربل گهرجون پوريون هجڻ متعلق عدالت کي آگاهه ڪيو. عمر سومرو، اينگرو، ماڙي گئس ڪمپني ۽ ٻين جو وڪيل آهي.
 

زهريلي پاڻي سبب خطرناڪ وبائي بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن: ايڊووڪيٽ شاهنواز وسير
 

سکر: ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي جي صدر شاهنواز وسير چيو ته زهريلي پاڻي سبب خطرناڪ وبائي بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. نتيجي ۾ ڪينسر، هيپاٽائيٽس بي، سي، جگر سميت ٻيون بيماريون وڪوڙي ويون آهن جنهن ڪري روزانو جي بنياد تي 10 ماڻھو فوت ٿي ويا.