گهوٽڪي ضلعي ۾ گدلي پاڻي جي فراهمي تي ڊي سي طلب

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ گھوٽڪي ضلعي ۾ گدلي پاڻي جي فراهمي خلاف درخواست تي ڊي سي گھوٽڪي ذاتي حيثيت ۾ 7 جولاءِ تي پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت گھوٽڪي ضلعي  ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ۽ گدلي پاڻي جي فراهمي خلاف داخل آئيني درخواست تي ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي صورتحال بابت جامع رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي،  عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 9 تحت صاف ۽ محفوظ پاڻي هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ اهو معاملو انساني وقار، صحت ۽ زندگي سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي. عدالت ارجنٽ درخواست منظور ڪندي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. درخواستگذارن جي وڪيلن آچر خان گبول، شبير علي بوزدار، نور حسن ملڪ موقف اختيار ڪيو ته درخواست عوامي مفاد ۾ داخل ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ضلعي گھوٽڪي جي رهواسين کي پيئڻ جو صاف ۽ محفوظ پاڻي ميسر ناهي. شهرين کي انتهائي گندو، صحت لاءِ نقصانڪار ۽ گدلو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن سميت رهواسي مختلف خطرناڪ بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کي 7 جولاءِ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.