گهوٽڪي: ماءُ، ڀيڻ ۽ ٽن ڀاڻيجين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي 5 ڀيرا ڦاهي جي سزا

گهوٽڪي: ماءُ، ڀيڻ ۽ ٽن ڀاڻيجين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي 5 ڀيرا ڦاهي جي سزا

گھوٽڪي (رپورٽ: ماجد علي سنگهڙ) فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج  گهوٽڪي نزاڪت علي ٽانوري جي عدالت جوابدار عمران ٽڳڙ کي والده سميت 5 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 ڀيرا ڦاهي ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ ڀيڻ کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ 10سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جوابدار ۽ فريادي جي وڪيلن پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار عمران ٽڳڙ مٿان والده مريم خاتون ڀيڻ شميلا ڀاڻيجي اقرا آيت ۽ صورت ٽڳڙ جو خون ثابت ٿيڻ تي هر هڪ قتل ڪيس ۾ ڦاهي ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ساڳئي ڪيس ۾ ڀيڻ صفيا ٽڳڙ کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ 10 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.واضح رھي ته جوابدار عمران ٽڳڙ آفتاب ڪالوني ۾ سال 2023 ۾ پنهنجي والده ڀيڻ ۽ ٽن ڀاڻيجين کي  ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو هو ۽ هڪ ڀيڻ کي زخمي ڪيو هو. جنهن جو ڪيس اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي تي لياقت ٽڳڙ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو .