گهوٽڪي مان اغوا ٿيل نوجوان مبينا طور 20 لک ڀنگ ڀري آزاد

آگسٽ 20, 2023

عادلپور (رپورٽ: ماجد علي ڪلوڙ) گهوٽڪي مان اغوا ٿيل نوجوان مبينا طور 20 لک رپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿي گهر پهچي ويو

پوليس پاران مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي هڪ مهينو اڳ عادلپور واسين محمد حيات لانگاهه کي ٻٻرلوءِ  باءِ پاس وٽ رستي مان هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا هئا

جنهن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو هڪ مهينو گذري وڃڻ باوجود پوليس نوجوان کي بازياب نه ڪرائي سگهي. نوجوان جي بازياب ٿيڻ بعد ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي زاهد ميراڻي ۽ بي سيڪشن پوليس مبينا مقابلو ڏيکاري نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس موجب ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي لال شاهه دمدمي وٽ ڏوهارين سان مقابلو ڪري نوجوان محمد حيات لانگاهه کي بازياب ڪرايو آهي

جڏهن ته هٿياربند اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا آهن. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي نوجوان جي وارثن ڌاڙيلن کي 20 لک رپيا ڏئي نوجوان محمد حيات لانگاهه کي آزاد ڪرائي ورتو آهي

Leave A Comment