سکر(بيورو رپورٽ) سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صالح پٽ کي گهوٽڪي مان ايندڙ پاڻي کي قدرتي لنگهن تان گذرڻ کان بااثرن جا هٿرادو قائم ڪيل بند هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
گهوٽڪي واسي محمد عظيم مهر ۽ ٻين جي درخواست جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ، واسطيدار ڌريون پيش ٿيون
وڪيل قربان ملاڻو صالح پٽ واري علائقي ۾ بااثرن هٿرادو بند ڏئي پاڻي جي قدرتي لنگهن تي بند ڏنا ويا آهن، بااثرن قدرتي لنگهه بند ڪرڻ سبب پاڻي رڪجڻ ڪري گهوٽڪي جي تعلقي خانڳڙهه جون زمينون غيرآباد ٿي رهيون آهن ۽ آبادگار فصل کان محروم ٿي ويا آهن
هن عدالت کي استدعا ڪئي ته صالح پٽ مان بااثرن جا قائم ڪيل هٿرادو بند هٽائي قدرتي لنگهه بحال ڪيا وڃن
عدالت ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صالح پٽ کي صالح پٽ مان قدرتي لنگهن تان بااثرن جا هٿرادو بند هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو