گهوٽڪي: معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

جُولاءِ 13, 2023

گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ۾ گم ڄاڻايل معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا لاش قبرستان مان مليا هئا، ٻنهي کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

گذريل ڏينهن آفتاب ڪالوني جي رهواسي قربان علي لغاري جو 12 سالن جو پٽ سلمان لغاري ۽ 9 سالن جي ڌيءُ ڪلثوم لغاري جو لاش قبرستان مان مليو هو

ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش گهر کڻائي ويا لاش گهر پھچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

ٻارڙن جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو آهي ته ابتدائي رپورٽ مطابق ٻارڙن کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي پوسٽ مارٽم بعد جزا وٺي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا آهن جنهن بعد رپورٽ اچڻ بعد قتل جا ڪارڻ معلوم ٿيندا

پوليس موجب ته شروعاتي جاچ موجب ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي اغوا ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment