ڏهرڪي(ن پ و) گهوٽڪي ويجهو آپريشن ۾ پوليس هڪ ڏوهاري مارڻ ۽ 2 زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته مقابلو جاري آهي
پوليس موجب گهوٽڪي جي ڪچي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سيدو جاگيراڻي ڳوٺ کي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پهچي ڪڙو چاڙهيو ۽ آپريشن ڪيو
ڏوهارين خلاف پوليس جي آپريشن ۾ هڪ ڏوهاري مارجي وڃڻ ۽ ٻن جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ مختيار جاگيراڻي طور ڪئي وئي آهي
پوليس موجب ڏوهارين سان مقابلو هلندڙ آھي جڏهن ته آپريشن ۾ پنج اي پي سي چين ۽ 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن