گهوٽڪي ويجهو هٿياربند چئن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي ڊرائيور زخمي

فيبروري 6, 2024

گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ويجهو هٿياربند چئن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي ڊرائيور کي زخمي ڪري ڇڏي ويا

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  نيشنل هاءِ وي تان هٿياربند جيپ ۽ ڪار کي روڪي ميرپور ماٿيلو واسي رتڪ ڪمار، مير احمد جلباڻي، مهيسرو واسي خادم حسين سهتو، داد لغاري واسي ايس ڊي او ايريگيشن اختر علي لغاري کي اغوا ڪري ڊرائيور راڻا آصف علي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا

 ھڪ ئي ٿاڻي جي حد مان چئن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد علائقي واسين ۾ حراس ڦهلجي ويو آهي

 علائقي واسين موجب ته گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ناهي ڪري سگهي جنهن سبب عام ماڻهون پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن

ذريعن موجب ته چئني مغوين کي جاگيراڻي گينگ جي ٽولي اغوا ڪيو آهي ۽ پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن

واضح رهي ته گذريل هڪ مهيني دوران گهوٽڪي ضلعي مان 15 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي جن مان چار ڄڻا ڀنگ ڀري واپس موٽي آيا آهن ۽ مغوي اڃان به ڌاڙيلن وٽ قيد آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • هندو ڀينرن ۽ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪٺ

  • ناري سنديا باگڙي اغوا: وارثن جون دانهون، ماتم

  • 3 نوجوان اغوا، 70 لک رپيا ڀنگ طلب

  • ڪلثوم مستوئي جي قاتل جو اعتراف