گهوٽڪي ويجهو پورهيت اغوا: پوليس ۽ وارث پيرا وڃائي واپس

جُولاءِ 9, 2023

گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ويجهو هوٽل تي مزدوري ڪندڙ نوجوان اسلم ڪلهوڙو کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد باغ چنا جو رهواسي هوٽل تي مزودري ڪندڙ نوجوان اسلم ڪلهوڙو ھوٽل پوٺيان واش روم ويو ته هٿياربند اغوا ڪري ويا

 اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس ۽ نوجوان جا وارث هٿياربندن جا پيرا کڻي ڪچي طرف ويا پر پيرا وڃائي موٽي آيا آهن

هوڏانهن پورهيت جي اغوا تي علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آهي، شهرين نوجوان جي جلد بازيابي جو پڻ مطالبو ڪيو آهي

Leave A Comment