گهوٽڪي ويجهو ڌاڙيلن جي ڳوٺ تي چڙهائي، پلاند ۾ 3 ڄڻا اغوا ڪري ويا، وڊيو جاري

جنوري 30, 2024

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ويجهو ڌاڙيل پلاند ۾ 3 ڄڻا اغوا ڪري ويا، وڊيو جاري ڪري گرفتار ڪيل ڌاڙيل الطاف جاگيراڻي جي بازيابي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جي مقرري کانپوءِ شهر عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن، اغوا، ڦرون ۽ ڌاڙا، چوريون روز جو معمول بڻيل آهن

گهوٽڪي پوليس پاران ڌاڙيل صدورو جاگيراڻي ۽ شوڪت جاگيراڻي جي گينگ جي ساٿي الطاف جاگيراڻي کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڄاڻايل ڌاڙيلن پنهنجي گرفتار ڪيل ساٿي الطاف جاگيراڻي جي پلاند ۾ قادرپور شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڪاهه ڪري  ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو

 ان سلسلي ۾ مغوين جي وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آهي، اغوا ٿيلن ۾ قادرپور جي جمال ڳوٺ جو رهواسي سرفراز شاهه، حبيب احمد ۽ خان ڳوٺ واسي عبدالوحيد سنگهڙ شامل آهن

 سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڌاڙيل ڳالهائيندي چون پيا اسان کي پئسا وغيره نه ٿا گهرجن، پوليس اسان جي گرفتار ڪيل نوجوان الطاف حسين جاگيراڻي کي آزاد نه ڪيو ته اسان ٽنهي مغوين کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏينداسين

 ڌاڙيلن پوليس پڪٽن تي حملو ڪرڻ ۽ سي پيڪ موٽر وي تان مسافر اغوا ڪرڻ جي پڻ  ڌمڪي ڏني آهي

Leave A Comment