گهوٽڪي ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي ڪلپر بگٽين جي چيف جلال بگٽي جو پٽ مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي

فيبروري 13, 2024

گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي ڪلپر بگٽين جي چيف جلال بگٽي جو وڏو پٽ عبدالرحمان ڪلپر بگٽي مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سي پيڪ موٽر وي تي هٿياربندن ٻن ڪارن ۽ هڪ مزدا جي نه بيهڻ تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب چيف آف ڪلپر جلال بگٽي جو وڏو پٽ عبدالرحمان ڪلپر بگٽي مارجي ويو

پشاور واسي جواد خان، علي حسن دراني، محمد ڪفيل ۽ روجهاڻ واسي مزدا ڊرائيور  امداد علي مزاري زخمي ٿي پيا، عبدالرحمان ڪلپر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

 زخمين کي ميرپور ماٿيلو ۽ گهوٽڪي جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، هٿياربندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ جا ٽائر برسٽ ڪري مسافرن کان لکين روپين جي ڦرلٽ به ڪئي

Leave A Comment