گهوٽڪي ( رپورٽر) گهوٽڪي ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو، اغوا جون وارداتون معمول بڻيل، وڌڪ هڪ نوجوان کي اغوا ڪيو ويو
ڳوٺ صوبدار خان کهاوڙ جي رهواسي فوجي جوان شاهد حسين کهاوڙ نماز پڙھڻ لاء مسجد ويو ته گهر نه موٽيو
نوجوان جي مائٽن جو چوڻ آهي ته شاهد جي ڳولا ڪئي آهي پر هن جو ڪو ڏس پتو نه پيو پوي، شڪ آهي ته هن کي اغوا ڪيو ويو آهي
هنن چيو ته شاهد جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي جي علائقي ۾ لڳا جنهن مان تاثر ملي ٿو ته هن کي ڌاڙيل کڻي ويا آهن، اسان جو مطالبو آهي ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي