گهوٽڪي ڪچي ۾ مبينا طور چوري معاملي تان جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل 3 زخمي

گهوٽڪي ڪچي ۾ مبينا طور چوري معاملي تان جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل 3 زخمي

گھوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد ۾ مال جي چوري تان جاگيراڻي ۽ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ جاگيراڻي برادري جا 2 ماڻهو مارجي ويا، فائرنگ ۾ لولائي برادري جا 3 ڄڻا به زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ٻنهي برادرين ۾ فائرنگ، ڇڪتاڻ، علائقي ۾ ڏهڪاء پکڙجي ويو، جاگيراڻي پاران پوليس تي ڊرون هڻي هڪ ڄڻي کي مارڻ جو الزام،  ڄاڻ موجب گھوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي ٽو جي حد ۾ جاگيراڻي ۽ لولائي برادري وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ٻڌايو پيو وڃي ته نوري لولائي جي گهر ۾ گهڙي مال چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا ان دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ جاگيراڻي برادري جا ٻه نوجوان  نورل جاگيراڻي ۽ ھدايت الله جاگيراڻي مارجي ويا جنهن بعد جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن ڪاهه ڪري شيرو لولائي ۽ نوري لولائي جي گهر تي ڪاه ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي ڪري ٻنهي ڌرين ۾ ڪافي دير تائين ڇٽي فائرنگ پڻ هلندي رهي، فائرنگ سبب لولائي برادري جا ٻه ڄڻا راحب لولائي ۽  مھر لولائي سخت زخمي ٿي پيا واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي جنهن بعد مارجي ويل توڙي زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو گهوٽڪي جي تعلقه اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ سکر جي اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي برادري جا ٻه نوجوان مارجي ويا آهن ۽ لولائي برادري جا ٽي نوجوان زخمي ٿي پيا آهن فائرنگ بند ٿيڻ کانپوء پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي، هوڏانهن جاگيراڻي برادري جي ماڻهن پوليس تي الزام هنيو آهي ته پوليس پاران ڊرون اڇلائڻ جي  نتيجي ۾ هوت جاگيراڻي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته عورتون زخمي پڻ ٿيون آهن