| گهوٽڪي ۾ آصفه ڀٽو زرداري خلاف ڳالهائڻ تي ماستر خلاف ڪيس داخل |
گهوٽڪي/پنوعاقل (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ۾ خاتون اول آصفه ڀٽو خلاف مبينا طور ڳالهائڻ تان گھوٽڪي واسي ماستر اعظم چاچڙ مٿان پيڪا ايڪٽ تحت ايف ايف آءِ داخل ڪئي وئي آهي، اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي تي آصف علي لاکو جي
فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اعظم چاچڙ خاتون اول آصفه ڀٽو خلاف اسانجي سامھون ٽڪ ٽاڪ ٺاھي نازيبا ٻولي ڳالھائي آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اعظم چاچڙ جو چوڻ آھي ته گھوٽڪي ۾ حڪمرانن خلاف آواز اٿارڻ تي مون تي ايف آئي آرز داخل ڪرايون پيون وڃن. ٻي طرف پنوعاقل جي سٽي ٿاڻي تي پ پ سٽي جي صدر جمال ناصر ڀٽو ۽ مجيب انڍڙ پاران الڳ الڳ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آھي،ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آھي اعظم چاچڙ خاتون اول آصفه ڀٽو خلاف اسانجي سامھون ٽڪ ٽاڪ ٺاھي نازيبا ٻولي ڳالھائي، جڏھن ته ٿاڻي تي موجود پيپلزپارٽي ضلعي سکر جي انفارميشن سيڪريٽري بابر مصطفيٰ بوزدار جو چوڻ ھو ته آصفه ڀٽو خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪندڙ اعظم چاچڙ کي گرفتار ڪيو وڃي.