گهوٽڪي ۾ بدامني خلاف شهري سراپا احتجاج، ڪاروبار بند

مَي 22, 2023

گهوٽڪي( رپورٽر) گهوٽڪي ۾ بدامني خلاف شهرين ڪاروبار بند ڪري احتجاج ڪيو

شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ٻن ڀائرن آفتاب احمد گهوٽو ۽ اشفاق احمد گهوٽو جي اغوا واري واقعي خلاف گهوٽا برادري پاران شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي شٽربند هڙتال ڪرائي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

احتجاج ڪندڙن لال بخش گهوٽو الهوسايو گهوٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان وٽ حڪومت نااهل ايس ايس تنوير تنيو کي مقرر ڪيو آهي ان ڏينهن کان بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ فوري امن قائم ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Leave A Comment