گهوٽڪي ۾ ساليءَ کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ همراهه جي فائرنگ، سندس زال مارجي وئي

آڪٽوبر 27, 2023

گهوٽڪي ۾ ساليءَ کي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ همراهه پاران ڪيل فائرنگ ۾ سندس زال مارجي وئي آهي

پوليس موجب ٽانوري پلاٽ واري علائقي ۾ جوابدارعابد ساليءَ کي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ گهر اندر فائرنگ ڪئي

 فائرنگ دوران گولي سندس زال فوزيه کي لڳي، سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيئڻ دوران فوزيه رستي ۾ دم ڏنو

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جوابدار گرفتار نه ٿيو

Leave A Comment