| گهوٽڪي ۾ عورت مبينا طور غلط آپريشن ٿيڻ سبب فوت |
گھوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ۾ مبينا طور غلط آپريشن ٿيڻ سبب عورت فوت، شهر جي خانگي اسپتال ۾مبينا طور غلط آپريشن سبب ولو مھر واسي مائي شميم زال محقم الدين فوت ٿي وئي،وارثن محڪم الدين مهر ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته اسان ھڪ ھفتو اڳ هڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت جو آپريشن ڪرايو، آپريشن بعد عورت کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اسپتال منتقل ڪيو ويو جنھن تي ڊاڪٽر چيو عورت جي طبيعت ھاڻي صحيح آھي جنھن تان واپس اسان گھر ھليا وياسين جنھن کان بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر عورت کي گھوٽڪي جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو ته اتان اسان کي چيو ويو ته عورت جي طبيعت ناساز آھي آپريشن غلط ٿيل آھي جنھن کان بعد عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو ته عورت رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو فون بند مليو