گهوٽڪي ۾ قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي جنم ٽيپ

گهوٽڪي ۾ قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي جنم ٽيپ

گهوٽڪي(رپورٽر)فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي طاهر حسين ابڙو جي عدالت وقاص احمد ڪورائي جو قتل جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 5-5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت هڪ ڄڻي عبدالجبار مٿان قتل جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ 13 d جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي 7-7 سال قيد ء 50-50 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوبدار ڪفايت الله کونهارو، عبدالسلام کونهارو ۽ سعيد احمد ميراڻي کي عمر قيد ۽ 5 -5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي  جڏهن ته عدالت ساڳئي ڪيس ۾ 13 d جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن ڪفايت الله کونهارو سعيد احمد ميراڻي کي 7-7 سال قيد ۽ 50-50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.