| گهوٽڪي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ نوجوان گوليون هڻي قتل |
گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد علي سنگهڙ) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ماٿيلو ڦاٽڪ ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت ۽ نوجوان قتل، گھوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ماٿيلو ڦاٽڪ ويجھو گهر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ گهوٽڪي واسڻ ناري حاجره لوهر مهر ۽ رائونتي واسي نوجوان محمد حنيف راجپوت زخمي ٿي پيا،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي طبي امداد ڏيڻ دوران نوجوان حنيف دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته زخمي عورت حاجران لوهر (مهر) سکر اسپتال منتقل ڪرڻ دوران دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو،ان حوالي سان اي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته فائرنگ واقعي ۾ زخمي ٿيل عورت ۽ نوجوان دم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعو مبينا طور تي ڪارنهن جي الزام تان پيش آيو آهي، مليل ڄاڻ موجب ماٿيلو مومل جي ماڙي روڊ تي ڳوٺ ابل ميربحر ۾ هڪ گهر تي فائرنگ ڪري جوڙي کي زخمي ڪيو ويو، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو، ٻي طرف اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس موجب واقعو غيرت جي معاملي تان پيش آيو آهي، ان باوجود معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي،
| رائونتي مان نوجوان کي گهرائي ڪارنهن ۾ قتل ڪرڻ جو انڪشاف |
گهوٽڪي: زخمي نوجوان محمد حنيف فوت ٿيڻ کان اڳ وڊيو بيان ۾ چيو آھي ته عورت جي مڙس ذوالفقار مھر سان پراڻا تعلقات ھئا ۽ ذوالفقار مھر مون کي رائونتي مان گهرائي بعد ۾ ساٿين سان گڏ سندس زال ۽ مون کي گوليون ھڻي فرار ٿي ويو آهي.
گهوٽڪي: گهوٽڪي پوليس جوابدارن جي گهر تي چڙهائي ڪري ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو آهي پر پوليس گرفتاري جي تصديق ناهي ڪئي، هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو.
ڀاءُ 30 لک رپيا کڻي گهران نڪتو هو، گهوٽڪي ڪيئن پهتو خبر ناهي: تنوير احمد
گهوٽڪي: مارجي ويل نوجوان جي ڀاءُ تنوير احمد جو چوڻ هو ته ڀاءُ 30 لک رپيا گهران کڻي ڪنهن کي ڏيڻ آيو هو، خبر ناهي ته منهنجو ڀاءُ گهوٽڪي ڪيئن پهتو ۽ ان کي ڇو قتل ڪيو ويو آهي.