گهوٽڪي ۾ ملازمن کي پگهار نه ملي، ڳڙهي خدابخش ۾ احتجاج جو چتاءُ

گهوٽڪي ۾ ملازمن کي پگهار نه ملي، ڳڙهي خدابخش ۾ احتجاج جو چتاءُ

گهوٽڪي (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ٽي سو کان وڌيڪ ملازمن ڇهه سالن کان جبري طور بند پيل  پگهارن جي بحالي لاءِ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن پاران 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ پ پ قيادت اڳيان احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي، ان حوالي سان بشير احمد ڪلوڙ مختيار ٽڳڙ ميرمحمد سومرو سهراب ڪلوڙ منور ڪلوڙ ۽ ٻين چيو ته اسان جون بناجواز پگهارون بند ڪيون ويون آهن، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪيون وڃن.