گهوٽڪي ۾ ٻن معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي قاتل ويڳي ماءُ نڪتي

جُولاءِ 15, 2023

گهوٽڪي(پنهنجي ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ ٻن معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي قاتل ويڳي ماءُ نڪتي، الهه ڏنيءَ لغاري پوليس آڏو اعتراف ڪندي چيو آهي ته سليمان ۽ ڪلثوم کي ڪارو پٿر پياري ماريو

شهر جي آفتاب ڪالوني مان 4 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل 12 ورهين جي سليمان لغاري ۽ سندس 9 ورهين جي معصوم ڀيڻ ڪلثوم جا لاش هٿ اچڻ بعد پوليس شڪ جي بنياد تي سندن ويڳي ماءُ الهه ڏنيءَ لغاري کي گرفتار ڪيو هو

هي به پڙهندا

پوليس ذريعن موجب شڪ جي بنياد تي گرفتاري بعد الهه ڏني لغاري ٻنهي ٻارڙن کي مارڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پٿر دل عورت جو چوڻ آهي ته هن سليمان ۽ ڪلثوم کي ڪارو پٿر پياري ماريو، پوليس ڪاري پٿر واري پاڻيءَ جي بوتل به هٿ ڪري ورتي آهي

 پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت پڇاڳاڇا دوران ٻڌايو ته هن ڪجهه سال اڳ قربان لغاري سان زبردستي شادي ڪئي هئي، الهه ڏنيءَ چيو ته هوءَ ٻارن مان بيزار هئي

ظالم عورت معصوم ٻارن کي درگاهه نهري شاهه وٺي وڃي ڪارو پٿر پياري ماريو ۽ گهر موٽي آئي، ٻنهي معصوم ڀاءُ ڀيڻ جا لاش نهري شاهه قبرستان مان هٿ آيا هئا

Leave A Comment