گهوٽڪي ۾ پ پ اميدوارن خالد احمد لنڊ ۽ باري پتافي ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا: خالد لنڊ پاران نادراڪمل جي حمايت جو اعلان

فيبروري 5, 2024

گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن خالد احمد لنڊ ۽ باري پتافي وچ ۾ اختلاف کلي ڪري سامهون اچي ويا
قومي تڪ اين اي 198 تي پ پ اميدوار خالد لنڊ صوبائي تڪ پي ايس 19 تي آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو
جلسي کي خطاب ڪندي خالد احمد لنڊ چيو ته پي ايس 19 تي نادر اڪمل لغاري جي ڀرپور حمايت ڪريان ٿو، ڪنهن کي شڪايت ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪري، قيادت کي پاڻ ئي جواب ڏيندس، ووٽ هٿ جوڙي وٺبا آهن ڪنهن کي داٻي ۾ ووٽ نه ڏينداسين
ٻئي طرف پي ايس 19 تي پ پ اميدوار باري پتافي خالد احمد لنڊ کي جواب ڏيندي چيو آهي ته تڪ جو عوام ڀوتارن کي رد ڪري ڇڏيندو، منهنجو مقابلو مخالفن سان نه پر منافقن سان آهي

Leave A Comment