| گهوٽڪي ۾ ڪـُتي کي مارڻ دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو، لاش رکي ڌرڻو |
گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد علي سنگهڙ) گهوٽڪي شهر جي رحموالي محلي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ڪتي کي مارڻ دوران گولي نوجوان ضمير احمد ولد علي اصغر شيخ کي لڳي،جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، واقعي بعد وارثن اصغر علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوجوان جو لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، گهوٽڪي پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪيو، هوڏانهن پوليس طرفان ڪارروائي ڪندي جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، جتان چوپايو مال ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو،پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هوڏانهن واقعي جو ڪيس مارجي ويل نوجوان جي چاچي محمد يونس شيخ جي فرياد تي گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي 9 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ شهمير پٺاڻ، قدير، جاويد، عبدالمنان عرف منان، جهانگير بوزدار، سائينداد، امداد، ايان ۽ امداد ملڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار شهمير بوزدار وارن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو ۽ اڳ ۾ به گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي،فريادي موجب جوابدارن ضديت ۾ اچي هم صلاح ٿي جوابدار سائينداد پسٽل سان سڌو فائر ڪري منهنجي ڀائٽي ضمير احمد شيخ کي قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پهلو کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.