گهوٽڪي ( رپورٽر) گهوٽڪي ۾ گرين لائين ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي، پنجاب ڏانهن ويندڙ ٽريڪ کي ريل گاڏين جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو جنهن سبب مسافر پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن
ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ گرين لائين ٽرين بيٺل فريد ايڪسپريس کي ڪراس ڪري رهي هئي ته ان جي انجڻ پٽڙي تان لهي وئي، خوشقسمتي سان ڪو وڏو حادثو نه ٿيو
ريل گاڏي جي انجڻ پٽڙي تان لهي وڃڻ ڪري پنجاب ڏانهن ويندڙ ٽريڪ کي بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب ٽرينن کي مختلف اشتيشنن تي روڪيو ويو آهي
پنجاب ڏانهن ويندڙ ٽرينن کي روڪڻ سبب مسافر سخت پريشاني جي ور چڙهيل آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريڪ جي بحالي جو ڪم جاري آهي