| گهوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پل: لاڳت وڌي 32 ارب مقرر: ڊيگهه سوا 12ڪلوميٽر ٿي وئي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ جي معاشي شاهه رڳ گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ روڊ ۽ پل رٿا جو رڪيل ڪم ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي، جون 2027 ۾ افتتاح ڪنداسين، ڪالهه پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بورڊ جي 49هين اجلاس ۾ رٿا جي عملدرآمد جي تاريخ، لاڳت ۽ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران پيش ڪيل نقطن بابت بريفنگ ڏني وئي. پل جي اڏاوت جي شروعات آگسٽ 2020 ۾ ٿي، ان وقت آءِ آر سي فيصلو ڪيو ته ٻوڏ جي وهڪرن کي سامهون رکي سنڌوءَ تي سموريون پلون “بينڪ ٽو بينڪ” ( هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ) تعمير ڪيون وينديون، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽڪي–ڪنڌڪوٽ پل جي ڊيگهه 3 کان وڌائي 12.2 ڪلوميٽر ڪئي وئي، جنهن سبب منصوبي جي دائري، ٽائيم لائين ۽ لاڳت ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ڪرڻيون پيون. رٿا جي لاڳت 32 ارب رپيا ۽ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ جون 2029 آهي. اها رٿا جون 2027 تائين مڪمل ٿي سگهندي نومبر 2025 تائين سيڪشن ون ۽ ٽو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن جڏهن ته سيڪشن ٿري ۽ فور ۾ پائلنگ، شافٽ ٺهڻ ۽ ٽرانسِم لڳائڻ تي نمايان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي.