گهوٽڪي_ ڪنڌڪوٽ پل جي حفاظت لاءِ 100ڪمانڊوز مقرر

گهوٽڪي_ ڪنڌڪوٽ پل جي حفاظت لاءِ 100ڪمانڊوز مقرر

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) گهوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پل جي تعميراتي ڪم جي حفاظت لاءِ  ايس ايس يو جا 100ڪمانڊوز مقرر. ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد موجب ڪشمور ضلعي ۾ ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي تعمير دوران حساس ترين هنڌن تي ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پل پنهنجي جاگرافيائي ۽ سيڪيورٽي اهميت ڪري تمام اهم آهي. ايس ايس يو ڪمانڊوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته علائقي ۾ هر قيمت تي امن امان کي يقيني بڻايو وڃي، ڪنهن به شرپسند يا امن دشمن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.