گهوڙاٻاري ويجهو شو روم مالڪ پئسن جي ڏيتي ليتي تان قتل

آگسٽ 2, 2023

ٺٽو/ڪيٽي بندر/ڳاڙهو(نمائندن وٽان) ٺٽي جي تعلقي گھوڙاٻاري جي شهر اداسي ويجھو هٿياربندن فائرنگ ڪري زمين تي ويندڙ ڌانڌاري

 واسي زميندار ۽ شوروم مالڪ نوجوان ڏاڏا قاسم ميمڻ کي زخمي ڪري وڌو، اسپتال نيئندي رستي ۾ زخمن جا نه سهندي فوت ٿي ويو. ڌانڌاري واسي زميندار ۽ موٽر سائيڪل شوروم مالڪ ڏاڏا قاسم ميمڻ پٽ حاجي علي محمد ميمڻ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي پنهنجي زمين تي وڃي رهيو هو

 ته رستي ۾ لڪي بيٺل هٿياربندن مٿس فائرينگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ کيس زخمي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان واپاري

 زميندار ۽ شوروم مالڪ ڏاڏا قاسم ميمڻ جي لاش کي ڳاڙهو پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان واپاري جي موت جو ڪارڻ ويجھي کان هڪ گولي لڳڻ سبب گھڻي رت وهڻ سبب موت واقع ڄاڻايو ويو آهي

 ھوڏانھن قتل تي ويل محروم ڏاڏا قاسم ميمڻ جي وارثن پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي الزام هڻندي چيو ته علي حسن کوسو ۽ نواز کوسو  وڏي پلاننگ ڪري اسان جي معزز ماڻهو کي قتل ڪيو آهي. کوسا برادريءَ جي ڄاڻايل جوابدارن مرحوم ڏاڏا قاسم ميمڻ کان موٽرسائيڪل ورتي هئي

 جنهن جا 20 هزار رپيا رهن پيا جيڪي پئسا گھرڻ تان کوسا برادري جي ماڻهن پلاننگ تحت ھن کي قتل ڪيو آهي. ھوڏانھن  قتل تي ويل ڏاڏا قاسم ميمڻ جي قتل جي خبر علائقي ۾ پئي ته ڌانڌاري شھر سوڳ ۾ بند ٿي ويو. پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار گھر خالي فرار ٿي ويا

Leave A Comment