| گهٽين ۾ گندو پاڻي، هر هنڌ ڪچرو، روڊ رستا پٿرن جو ڍير، ڪڙيو گهنور تباهي ڪناري |
ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور شهر جا اڪثر روڊ ٽٽي پٿرن جو ڍير بڻجي ويا آهن جڏهن ته شهر جو واٽر سپلاء ۽ ڊرينيج سسٽم مڪمل ناڪاره بڻيل آهي شهر جون گهٽيون ٽٽل ۽ صفائي جو عمل به زيرو هجڻ ڪري هر هنڌ ڪچري جا ڍير لڳل هجڻ ڪري گندگي پکڙجي وئي، جنهن سبب شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويا، ان ڏس ۾ شهرين سيد امام علي شاھ ، گيانچند مهيشوري ، رمضان ڪنڀار ، هارون شيخ ۽ ٻين پهنجي اخبار اڳيان دانهيندي چيو ته شهر کان ويندڙ باء پاس روڊ به زبون حالي جو شڪار هئڻ سان گڏ سوڙهو آهي ، جنهن ڪري وڏين گاڏين ٽرالر جي آمدرفت سبب روڊ ڪافي بند رهي ٿو ، جنهن سبب شهرين کي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، هنن چيو ته شهر جو ڊرينيج سسٽم ٽائون ڪميٽي جي نااهلي سبب ڪيترن ئي سالن کان تباھ حال بڻيل آهي جنهن سبب شهر ۾ برسات جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ جمع ٿي وڃي ٿو ، ۽ پوء اهو گهرن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو بيمارين ، خارش ، مليريا ، گيسٽرول ، کنگهه ، زڪام ، الرجي ، ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا ، هنن وس وارن ، چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڪڙيوگهنور شهر کي گهربل سهولتون ڏئي سندن جائز مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪري کين پريشانين کان بچايو وڃي،