گهڻو  کائڻ سبب ‘بليميا’ جو شڪار ٿيس: فاطمه شيخ

 گهڻو  کائڻ سبب ‘بليميا’ جو شڪار ٿيس: فاطمه شيخ

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ)ڀارتي اداڪاره فاطمه ثنا شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته فلم “دنگل” ۾ پنهنجي ڪردار لاءِ وزن وڌائڻ سبب کيس خوفناڪ بيماري ٿي پئي. هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هوءَ فلم دنگل لاءِ روزانو 2,500 کان 3,000 ڪيلريون استعمال ڪندي هئي، شوٽنگ ختم ٿيڻ بعد مون ورزش ڪرڻ ڇڏي ڏني پر کاڌي جي عادي ٿي ويس، وڌيڪ  کاڌي سبب ‘بليميا’ جو شڪار ٿي ويس فاطمه چيو ته هڪ وقت هو جڏهن آئون مسلسل ٻه ڪلاڪ کائيندي هيس،  بعد ۾ پاڻ کي الٽي ڪرڻ تي مجبور ڪندي هيس  ته جيئن ڪيلوريون جسم ۾ جمع نه ٿين.هن چيو ته منهنجو پاڻ تي ڪو به ڪنٽرول نه هو، ڪڏهن ڪڏهن  گهڻو کائيندي هيس، ڪڏهن ڪڏهن کائڻ بند ڪري ڇڏيندي هئس.اداڪاره موجب هاڻي  هو پنهنجي صحت بابت وڌيڪ محتاط آهي