| گوئٽي مالا ۾ لوڊو نموني جهڙي قديم پراسرار راند دريافت |
گوئٽي مالا (انٽريسٽنگ نيوز) گوئٽي مالا ۾ لوڊو نموني جهڙي قديم پراسرار راند دريافت ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گوئٽي مالا ۾ آثار قديمه جي ماهرن قديم ماين تهذيب جي شهر موزيڪ اسٽائل ۾ قديم راند دريافت ڪئي آهي جيڪا لوڊو جيان کيڏي ويندي هئي. ماهرن موجب ان راند کي پيٽولي جو نالو ڏنو آهي سندن چوڻ آهي ته پيٽولي نالي اها قديم راند لوڊو جيان ڪاٺ جي بورڊ تي کيڏي ويندي هئي، ان قديمي راند ۾ ڪراس جي شڪل ۾ ڪپڙي يا زمين تي 52 خانا ڪڍيا ويندا هئا جنهن بعد پيٽول بينز کي اڇلايو ويندو هو. تنهن هوندي به اها راند ماين سماج ۾ ڪيئن کيڏي ويندي هئي واضح ناهي، ماهرن موجب ناچٽن واري علائقي ۾ تازي کوٽائي دوران ڪيترين ئي راندين جا آثار مليا آهن جن ۾ پيٽولي راند به شامل آهي، واضح رهي ته پيٽولي راند ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا ۾ ايزٽڪ ۽ ميسو آمريڪن ثقافتن ۾ به کيڏي ويندي هئي.