گوادر حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان جي ضمانت منظور: آزاد ڪرڻ جو حڪم

مَي 18, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ گوادر حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان جي ضمانت منظور ڪري ورتي، آزاد ڪرڻ جو حڪم، جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عدالت مولانا هدايت الرحمان جي 3 لک رپين مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي،

جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ مولانا هدايت الرحمان نومبر 2021ع ۾ گوادر کي حق ڏيو تحريڪ هلائي ملڪ گير شهرت ماڻي، گوادر ۾ 32 ڏينهن تائين لاڳيتا ڌرڻا هڻڻ بعد بلوچستان سرڪار سندن مطالبا تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار