| گوادر پورٽ تي واپاري سرگرميون تيز: هڪ ٻيو ڪارگو جهاز پهچي ويو: عالمي ڪمپنين جو اعتماد بحال |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گوادر پورٽ تي هڪ ٻئي جهاز جي آمد، بحري معاملن واري وزير محمد جنيد انور چوڌري چيو آهي ته گوادر پورٽ تي ايم وي ريوا گلوري 14,629 ميٽرڪ ٽن ڪارگو کڻي پهتو آهي. گوادر پورٽ تي واپاري سرگرميون تيز ٿي ويون، وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب عالمي شپنگ ڪمپنين جو اعتماد بحال ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. پورٽ تي وڌندڙ سرگرميون ان جي اسٽرٽيجڪ اهميت جو واضح ثبوت آهن. حڪومت بندرگاهي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. گوادر پورٽ تي ڪارگو جهازن جي آمد ۾ اضافو ٿيو آهي. بندرگاهه جي اهميت وڌيڪ وڌيڪ آهي. جنيد انور چوڌري چيو آهي ته سيڙپڪارن ۽ شپنگ ڪمپنين کي گوادر پورٽ تي مڪمل سهولتون فراهم ڪنداسين. گوادر پورٽ علائقي ۾ ٽرانزٽ ۽ ٽرانس شپمينٽ واپار جو اهم مرڪز بڻجي رهيو آهي. بندرگاهه کي عالمي معيار جو ميرين گيٽ وي بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.