| گوا ٽيسٽ ۾ آفريڪا جي پوزيشن مضبوط، ڀارت 201 تي ڍير، فالو آن جو شڪار، 314 رنسن جو خسارو |
گوا (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت تي رنسن جو بار ڪيرائي ڇڏيو ميزبان ٽيم 201 رنسن تي ڍير ٿيڻ بعد 314 رنسن جي برتري ڪرائي ڇڏي. راند جي ٽئين ڏينهن تي ڀارت 9 رنسون بنا وڪيٽ کان راند شروع ڪئي. رڳو جيسوال ۽ سندر کانسواءِ ڪو رانديگر ڪريز تي ڄمي نه سگهيو ۽ سموري ٽيم 210 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ ٽيم کي 288 رنسن جو خسارو ٿيو. جيسوال 58، راهول 22، سائي سڌرشن 15، ڌرو جريل 0، رشڀ پنت 7، جڊيجا 6، نتيش ريڊي 10، واشنگٽن سندر 48، ڪلديپ ياديو 19، بمرا 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڀارت 83.5 اوورن تائين بيٽنگ ڪئي. آفريڪا جي جانسن 6، سائمن هارمر 3 ۽ مهراج هڪ وڪيٽ ورتي. آفريڪا فالو آن ڪرائڻ بدران ٻي اننگ شروع ڪئي ۽ 8 اوورن ۾ بنا وڪيٽ جي 26 رنسون ٺاهي ورتيون اهڙي ريت 314 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي جنهن سان سندن پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي.