گوا ٽيسٽ ۾ ڀارت مشڪلاتن جو شڪار، وائٽ واش کان بچڻ لاءِ اڄ سڄو ڏينهن بيٽنگ جي ضرورت

گوا ٽيسٽ ۾ ڀارت مشڪلاتن جو شڪار، وائٽ واش کان بچڻ لاءِ اڄ سڄو ڏينهن بيٽنگ جي ضرورت

گواهٽي(اسپورٽس نيوز) گوا ٽيسٽ ۾ ڀارت جي ٽيم کي شڪست ۽ سيريز ۾ وائٽ واش کان بچڻ لاءِ اڄوڪو سمورو ڏينهن بيٽنگ ڪرڻ ۽ آفريڪا کي 8 وڪيٽن جي ضرورت آهي. اڄ ميچ جو آخري ڏينهن آهي. ڪالهه چوٿين ڏينهن آفريڪا پنهنجي ٻي اننگ 26 رنسن تان شروع ڪئي. ٽسٽن اسٽبس ۽ زورزي جي شاندار بيٽنگ سبب ٽيم 260 رنسون 5 رانديگر آئوٽ تي اننگ ڊڪليئر ڪئي. رڪلٽن 35، مارڪرم 29، اسٽبس 94، باووما 3 ۽ زورزي 49 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ملڊر 35 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڊيجا 4 ۽ سندر هڪ وڪيٽ ورتي. آفريڪا ڀارت کي کٽڻ لاءِ 547 رنسن جو هدف ڏنو. ٻي اننگ ۾ آفريڪا جا بالر مضبوط رهيا ۽ ڀارت جا اوپنر جيسوال 13 ۽ راهول 6 رنسون ٺاهي جانسن ۽ هارمر جا شڪار بڻيا. راند ختم ٿي ته ڀارت 15.5 اوورن ۾ 27 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃايون. سڌرشن 2 ۽ ڪلديپ ياديو 4 رنسن تي ناٽ آئوٽ هئا.