تازا ترين
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

گوبند مالهي کان به ٺارو شاهه نه وسريو هو! ….علي رضا قاضي

ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ 5 آگسٽ1921ع ڌاري جنم وٺندڙ گوبند مالهي، جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ هميشه رهندو. دادا گوبند مالهي هڪ سؤ کان مٿي ڪهاڻيون، 2 سئو کان مٿي مضمون، 35 ناٽڪ ۽ 28 ناول لکيا، ان ڪري ئي هن کي هند توڙي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري “ناول سمراٽ” (ناول جو شهزادو) سڏيو ويو.
گوبند مالهي کي 12- 13 سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جو شوق جاڳيو، اهو زمانو 35-1934ع وارو هو. هن جي شروعاتي لکڻي مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو هو، جيڪو سناتن ڌرم جي پرچارڪ ماهوار سنڌي رسالي “شڪارپور” ۾ ڇپيو.
گوبند مالهي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن 42-1941ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وڌو، جڏهن ته سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين. هن ان عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دوران هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان تعلق پيدا ٿيو، جنهن کان هن مارڪسزم ۽ ڪميونزم جو سائنسي طريقي سان اڀياس سکيو ۽ گڏوگڏ ٻنهي ڄڻن ڪامريڊ محمد امين کوسي سان واسطو وڌايو.
دادا گوبند 1942ع ۾ 3 مهينا جيل ۾ به رهيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو. 1944ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو. نامياري اديب ڪيرت ٻاٻاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته “1942ع جي جنگ آزادي وقت مون 2 ترقي پسند شخصن جو نالو ٻڌو هو. هڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ٻيو دادا گوبند مالهي”. ان مان مالهي جي حيثيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. دادا گوبند مالهي، 1942ع جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ هڪ نئين تنظيم ٺاهڻ ڏانهن راغب ٿيو. سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ان دور ۾ ٿيو. گوبند مالهيءَ کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سڪريٽري هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.
گوبند مالهي صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاري ۽ اداڪاري ۾ به حصو ورتو. مالهي جا پنج ناول “پکيئڙا”، “ولر کان وڇڙي”، “ڏيهي پرڏيهي”، “پيار جي شڪست” ۽ “پيار جي پياس” تمام مشهور رهيا آهن. مالهي، 1947ع ۾ سنڌ کان جدا ٿي هندستان ڏانهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو. هو، جنهن جو ساهه سنڌ هئي، انهي کان وڇڙڻ وقت هن جي حالت ڪهڙي هوندي سا بيان کان ٻاهر آهي! سنڌ جي دل ٺارو شاهه شهر واسين کان اهو ڏينهن به ناهي وسريو، جڏهن 30 نومبر 1989ع تي اسان جو دادا گوبند مالهي، ٺارو شاهه ۾ آيو هو. گوبند جو ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” شاهد آهي ته گوبند کي سنڌ ۽ ٺارو شاهه سان ڪيڏي محبت هئي. ڀلا ڪيئن نه محبت هجي، جنهن جڳهه تي انسان ڄمي، نپني، وڏو ٿئي، اتي لاتعداد محبتون ڪري، اهو خطو هن کان ڪيئن وسري سگهندو. اڄ جڏهن گوبند جي اوڻويهين ورسي آهي ته هن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هن جي ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“مان پنهنجي پاڙي واري ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيس، هوءَ ڏاڍي سندر هئي پر هڪ مسئلو هو ته اسان ٻنهي جو مذهب الڳ هو. ان سهڻي ڇوڪريءَ سان سرعام عشق ڪرڻ جو مطلب هٿ وٺي مذهبي فساد ڪرائڻ هو، جيڪا ڳالهه مان ڪڏهن به نه پيو چاهيان، پر هن نادان دل کي ڇا ڪجي، جيڪا ڪنهن به صورت قابو نه اچي رهي هئي. آخر وڏي دليري ڏيکاريندي، اکين سان انهي من موهڻي صورت ڏانهن محبت جو پيغام موڪليم، جيڪو قبول پيو. هاڻي زبان سان همٿ ڪري شام جي ويل پنهنجي گهر جي پويان ٺهيل چوپائي مال جي واڙي ۾ ملڻ جو وچن ٿيو.
شام ٿي اسان لڪي لڪي اتي پهتاسين، تنهن زماني ۾ ٺارو شاهه ۾ بجلي نه آئي هئي، انهي ڪري شام به رات ٿي ويندي هئي. منهنجو من عشق جي آتش ۾ سر پور هو، ڪجهه دير ويهي رهاڻ ڪئي سين انهي کانپوءِ خوف جو عالم ۽ موڪلاڻي! موڪلائڻ مهل اسان ٻنهي کي الائي ڇا ٿيو جو بي اختيار ڳراٺڙيءَ ۾ پئجي وياسين! خبر ناهي ته اسان جو ڀاڪر ڪيستائين جاري رهيو؟ پر مون کي پنهنجي جسم ۾ هڪ عجيب ڪيفيت معلوم ٿي، جيڪا لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي!؟
ڪجهه مهينن اندر انهي مسلمان ڇوڪري سان ته منهنجي عشق جو ڊراپ سين ٿي ويو پر هن سان پاتل ڀاڪر جي ڪيفيت سمجهي نه سگهيم، تان جو ٺارو شاهه ۾ بجلي به اچي وئي. هڪ ڏينهن امان گهر ۾ بجلي جي تار ٺاهڻ جو چيو، مان به بجلي جي ڪم کان اڻواقف سو نه ڪيم هم نه تم سڌو هٿ بجلي جي تار ۾ ڪجهه سيڪنڊن اندر جسم ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويو. ڪجهه وقت لاءِ ته جسم ڄڻ سن ٿي ويو. انهي وقت پنهنجي يادداشت تي زور ڏنم ته بجليءَ جو هي ڪرنٽ اهو ساڳيو معلوم ٿيو، جيڪو ڪجهه سال اڳ مينهن جي واڙي ۾ انهيءَ چنچل ڇوڪريءَ سان ڀاڪر ۾ محسوس ٿيو هو.”
اهو شوخ ۽ چنچل ڳالهين وارو گوبند 10 فيبروري 2001ع ۾ اسان سڀني کان موڪلائي ڪٿي ڏور سنڌ جي آسمان ۾ گم ٿي ويو. هن جي وڇوڙي تي جتي سڄي سنڌ رنجيده هئي، اتي ٺارو شاهه جي به ڪيترن ئي گهرن مان سڏڪن ۽ آهن جا آواز اٿيا هئا. روئڻ وارن ۾ هن جا اهي دوست هئا، جن سان هن شهر جي شاهي بازار ۾ ويهي نوري مشڪري سان ڀوڳ ڪيا هئا.
گوبند جي مرتيي تي سڏڪا انهن به ڀريا هئا جن ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” پڙهي پنهنجي سيني ۾ فخر جي لهر اٿندي محسوس ڪئي هئي ته گوبند کان پنهنجو محبوب شهر ٺاروشاهه اڃان به وسريو ناهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to گوبند مالهي کان به ٺارو شاهه نه وسريو هو! ….علي رضا قاضي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *