گوجرانوالا جي عدالت مان پرويز الاهي ٻن ڪرپشن ڪيسن مان بري
جُون 3, 2023
گوجرانوالا (م ڊ) عدالت پرويز الاهي کي ٻنهي ڪيسن ۾ بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گوجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پرويز الاهي خلاف ڪرپشن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن پوليس پاران پرويز الاهي جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو. اينٽي ڪرپشن ڪورٽ گوجرانوالا جي ڊيوٽي ميجسٽريٽ محمد افضل فيصلو ٻڌائندي پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن جي ٻن ڪيسن مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت فيصلي ۾ چيو ته پرويز الاهي کي پڪا ثبوت نه هجڻ ڪري پرويز الاهي کي بري ڪيو وڃي ٿو. گوجرانوالا ٿاڻي تي پرويز الاهي خلاف ڪرپشن جا ٻه ڪيس داخل ٿيل هئا. پرويز الاهي تي روڊن جي اڏاوت ۾ ڪِڪ بيڪس وٺڻ جو الزام هو.