| گوجرانوالا ۾ ڀاڻيجي سان بار بار لڄالٽ ڪندڙ جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو |
گوجرانوالا (م ڊ) گوجرانوالا ۾ 2 پوليس مقابلن دوران هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. لڌي والا وڙائچ پوليس اسٽيشن تي پوليس مقابلي ۾ هڪ پنهنجي نابالغ ڀاڻيجي سان بار بار جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار مامو پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. پوليس موجب جوابدار نامعلوم ساٿين سان گڏ، پوليس چيڪ پوسٽ تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ۽ پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.جوابدار جي قبضي مان 30 بور جو پستول هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته سندس 2 نامعلوم ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا. ٻي ڪارروائي ۾ ڪوٽوالي پوليس ڪيترن ئي منشيات جي ڪيسن ۾ گهربل ملزم ثاقب کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب، ملزم کي ڇاپي دوران گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڀڄڻ دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. سندس قبضي مان منشيات هٿ ڪئي وئي.